Science By Nazir

This Channel is basically for those people who love💛💜 with knowledge.
And in this Channel we prepare you to eligible for various universities and colleges
Like a
LUHMS
In Pakistan it's a best university now a days
And other universities also like
Sindh university jamshoro
NUST university
MUET university for engineering

And also update of everything link scholarships jobs and about many more


Science By Nazir

سنڌ يونيورسٽي پاران (Bachelor) ڊگري پروگرام 2025 داخلائن جي پھرين ميرٽ لسٽ جاري .
*Search with CNIC:*
admission.usindh.edu.pk/admission/candidate_merit_…
*Department Wise:*
admission.usindh.edu.pk/admission/merit_list_bache…

1 year ago | [YT] | 0

Science By Nazir

Assallam allaikum Dear Students if you want to get admission in university Of Sindh Jamshoro with high score with high CPN. We are providing you a best platform for interested students to get admission in our online academy you can contact on WhatsApp through this given below number
👇👇👇👇👇
03153711757

2 years ago | [YT] | 0

Science By Nazir

Assallam allaikum everyone
Hope you all are doing well.
One favour from you guys that give your suggestions about should we have to start a preparation of SST coming test for both general category and science category (Subject Wise)

2 years ago | [YT] | 3

Science By Nazir

LAT Test keys 4th Feb 2024 check out your test and tell me in comments section
Best of luck 🤞

2 years ago | [YT] | 2

Science By Nazir

Requirements for change your category

2 years ago | [YT] | 3

Science By Nazir

Notification for change your category if you want

2 years ago | [YT] | 1

Science By Nazir

*The admission committee of University of Sindh has decided to announce the 3rd provisional merit list for admission of batch 2K24.*

Search with CNIC:*
admission.usindh.edu.pk/admission/candidate_merit_…

Department Wise:*
admission.usindh.edu.pk/admission/merit_list_bache…

2 years ago | [YT] | 2

Science By Nazir

Assallam allaikum To all of you
How are you doing all..?

2 years ago | [YT] | 2

Science By Nazir

Part-03
Sindhi grammar
زمان ماضي :ــ اهڙو فعل جيڪو ٻڌائي ته فاعل ڪوئي ڪم گذريل وقت ۾ ڪيو ھو.

زمان ماضي مطلق :ــ اهو زمان جيڪو ٻڌائي ته ڪم گذريل وقت ۾ ٿيو هجي ۽ ان جي بلڪل پڪ ۽ يقين هجي.

زمان ماضي استمراري :ــ هو زمان جيڪو ٻڌائي ته ڪم گذريل وقت ۾ جاري رهيو هجي.

زمان ماضي بعيد :ــ اهو زمان جيڪو ٻڌائي ته ڪم گذريل وقت ۾ گھڻو اڳ ٿيو آهي. ۽ ان کي ٿئي گھڻو وقت ٿيو هجي.

زمان ماضي قريب :ــ اهو زمان جيڪو ٻڌائي ته ڪم گذريل  وقت ۾ ويجھو ٿيو هجي، يا ان کي ٿي ٿورو وقت ٿيو هجي.

زمان ماضي مدامي :ــ مدامي معني دائمي يا هميشه اهو زمان جيڪو ٻڌائي ته ڪم گذريل وقت ۾ هميشه ٿيندو رهيو هو.

زمان ماضي متشڪي :ــ اهو زمان جيڪو ٻڌائي ته ڪم جيڪو گذريل وقت ۾ٿيو هجي پر ان بابت پڪ نه هجي، بلڪ شڪ هجي ته ڪم ٿيو الائي نه.

زمان ماضي شرطيہ :ــ اهو زمان جيڪو ٻڌائي ته ڪم گذريل وقت ۾ ٿي چڪو هجي ها جيڪڏهن شرط پوري ڪري هجي.

زمان حال :ــ اهڙو زمان جيڪو ٻڌائي ته فاعل ڪوئي ڪم هاڻوڪي يا موجوده وقت ۾ ڪري ٿو.
 مثال:ــ اسان ماني کائون ٿا.

زمان حال استمراري :ــ هي زمان ڏيکاري ٿو ته شروع ڪيل ڪم اڃان هلندڙ وقت ۾ جاري آهي.  مثال:ــ آءُ لکان پيو.

زمان حال مدامي :ــ مدامي معني دائمي يا هميشه. اهو زمان جيڪو ٻڌائي ته ڪم هلندڙ وقت ۾ هاڻي هاڻي پورو ٿيو آهي.

زمان حال متشڪي :ــ متشڪي معني شڪ ۾. اهڙو زمان جو ٻڌائي ته فعل يا ڪم هلندڙ وقت ۾ ٿيو هجي پر ان جي پڪ نه ٿئي.

زمان مستقبل :ــ اهڙو فعل جيڪو ٻڌائي ته فاعل ڪوئي ڪم ايندڙ وقت ۾ ڪندو.

زمان مستقبل استمراري :ــ اهو زمان جيڪو ٻڌائي ته ڪم ايندڙ وقت ۾ جاري رهندو.

زمان مضارف :ــ مضارف ٻٽي معني ڏيندڙ، اهڙو فعل يا ڪم جنهن جي خبر پوي ته ڪم هلندڙ وقت ۾ ٿيو يا ايندڙ وقت ۾ ٿيندو. مثال:ــ اخبار پڙهان، ۽ خط لکي.

حالت :ــ اسم يا ضمير جو جملي ۾ ٻين لفظن سان جيڪو لاڳاپو آهي يا انهيءَ لاڳاپي ڏيکارڻ لاءِ جيڪا ڦير ڦار ان اسم يا ضمير جي صورت ۾ ٿئي ٿي، تنهن کي اسم يا ضمير جي حالت چئجي ٿو.
 
حالتن جا پنج قسم آهن، حالت فاعلي، حالت مفعولي، حالت اضافي، حالت ندا.

حالت فاعلي :ــ جملي ۾ جنهن اسم يا ضمير بابت فعل ڪجهه چوي يعني هئڻ،ڪرڻ يا سهڻ مان ڪا ڳالهه ڄاڻي تنهن کي فاعل چئجي ٿو. مثال :ــ سڀني سلام ڪيو، سج اُڀري ٿو.

حالت مفعولي :ــ اهو اسم يا ضمير جنهن تي  فعل وارو ڪم جو اثر ٿئي تنهن کي مفعول چئبو آهي.    
 مثال:ــ فرحانُ اخبار پڙهي ٿو.

حالت جري :ــ جنهن ۾ اسم يا ضمير پٺيا ڪوبه حرف جر اچي ۽ ان جو جمليِ جي ٻين لفظن سان لاڳاپو ڏيکاري، يا اهڙي لاڳاپي ڏيکارڻ لاءِ حرف جي بدران ڪا مقرر ٿيل پڇاڙي ڪم اچي. مثال؛ احمد هيئر گھر آيو.

حالت اضافت :ــ اضافت جي معني آهي مالڪي يا نسبت حرف اضافت جا لفظ آهن جو، جا، جي، جون، سندا، سنديون. جيڪڏهن ڪو اسم يا ضمير ڪنهن اسم يا ضمير جو مالڪ آهي يا ساڻس ڪا رشتيدار يا نسبت آهي.
مثال :ــ هي ڪتاب احمد جو آهي.

حالت ندا :ــ اهو اسم يا ضمير جيڪو جملي ۾ سڏ ڪرڻ جي ڪم اچي ته تنهن جي حالت ندا ٿيندي.  
 مثال :ــ ڇوڪرا هيڏانهن اچو.

حالت مڪاني:ــ اهو اسم يا ضمير جيڪو جملي ۾ حالت، وقت يا  مڪان جي نسبت ڏيکاري.
مثال:ــ هو گھر ويٺو آهي، مان ڳوٺ ايندس، هو رات هت ترسيو هو.

مصدر:ــ فعل جي اها سادي صورت جا ڪو ڪم يا حالت ڏيکاري. مثال:ــ هلڻ، پڙهڻ، کائڻ. مصدر “ڻ” ملائڻ سان ٺهندو آهي.

امر:ــ امر معني حڪم اهڙا فعل جيڪي حاضر ماڻهوءَ کي حڪم ڏيڻ جي معني ۾ ڪم ايندا آهن.  مثال:ــ اچ اسڪول هلون.، تون نه ڳالهاءِ.

 (امر جا پنج قسم آهن جن کي هيٺ بيان ڪجي ٿو.)

امر تمنا :ــ اهڙا امر وارا لفظ جنهن مان تمنا يا خواهش ظاهر ٿئي. مثال:ــ ڀيرو ڪج،عزت رکج، ڀلائي ڪجي.

امر نفي يا امر نهي:ــ امر اڳيان “نه” اچڻ سان ناڪاري جي معني نڪري ٿي اهڙيءَ طرح ڪنهن امر جي اڳيان ڪو ناڪاري جو لفظ وجھبو.  مثال:ــ هي ڪم نه ڪر، ماني نه کائج، راند نه کيڏ.

امر حال:ــ جيڪو امر حال جي معني ڏيکاري. مثال:ــ پڙهه، لک، گھم وغيره.

امر استقبال:ــ اهو امر جو پوءِ يعني ايندڙ وقت ۾ ڪرڻ جو حڪم ڏئي.  مثال:ــ اسڪول ضرور وڃبو، وغيره.

امر نيازي:ــ هي امر جي اها  حالت جنهن ۾ حڪم جي  انداز ۾ به “عاجزي، نيازي ۽ نمرتا” هجي. مثال:ــ پڙهجُ، لکج، کائج، ڪج وغيره.

امر مدامي يا استمراري :ــ هي امر جي اها حالت آهي جنهن ۾ فاعل کي هڪ حڪم ڏنو وڃي، جنهن ۾ هن جو ڪم دائمي جاري رهي.
  مثال:ــ ماني پيو کاءُ، ڪتاب پيو پڙهه، ڪم ويٺو ڪر. وغيره.

مفرد جملو :- اھڙو جملو جنهن ۾ فقط هڪ فعل ھجي.
مثال:- عديل ڪاليج وڃي ٿو.، عمران خط پڙھي ٿو.

مرتب جملو :- اھڙو جملو جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ فعل ھجن پر مکيہ فعل ھڪ ھجي.
مثال:- مون احمد کي ڏٺو، جيڪو ڪتاب کنيون سائيڪل تي چڙھي ڪاليج پئي ويو.

مرڪب جملو:- مرڪب جملو جنهن ۾ ٻہ يا وڌيڪ جملا گڏيل ھجن، ۽ آھي جملا يعني ۽، پڻ سان ڳنڍيل ھوندا آھن، يا ھڪڙو جملو ٻئي جي سبب ۾ ھوندو آھي. يا انھن ۾ ۽، نہ، تہ، متان، نڪي وغيره حرف ڪم آيل ھوندا آھن.
مثال:- پر پاڻ نہ ھليو، گھر جلدي وڃ يا ھتي رھي پوء، ھن ٻين کي نصيحت ڪئي.

مرڪب جملو جا چار ٻيا بہ قسم آھن.

عطفي جملو :- عطفي اھڙو جملو جنهن ۾ ڌار ڌار خيال وارا جملا ڪن حرفن جي ڪري جملي جي لفظن سان پاڻ ۾ ڳنڍيل ھجن.
مثال:- تون ڀلي ھل ۽ آئون پوءِ ايندس.

ضديہ جملو :- اھڙو جملو جنهن ۾ ھر ھڪ جملي ۾ ڌار ڌار خيالن وارو جملو ھجي يا ھڪ ٻئي جي برخلاف ھجن.
مثال:- راند نہ ڪر پر ڪتاب کڻي پڙھ.

سببي جملو:- اھڙا جملو جنھن ۾ ڪو ڪم پورو ڪرڻ لاءِ ڪو شرط آيل ھجي اھڙي جملي کي شرطہ جملو بہ چئبو آهي.
مثال:- تون جيڪڏهن محنت ڪرين ھا، تہ پھريون نمبر پاس ٿئين ھا.

اختياريہ جملو:- اھڙو جملو جنهن مان معلوم ٿئي تہ انھن ۾ پنھنجي اختياري ھلايل آھي، يا پنھنجي اختياري ھلائڻ لاءِ چيل ھجي.
مثال:- تون مضمون لک يا حساب ڪر.

صيغو جملو:- اھڙو جملو
جنهن مان خبر پوي تہ فعل ڪھڙي صورت ۾ ڪم آيل آھي. (صيغو جملن جا ٻہ قسم آھن، ھڪ صيغو بياني، ۽ ٻيو صيغو شرطہ آھن.

2 years ago | [YT] | 8

Science By Nazir

Part-02
Sindhi grammar
اسم مفعول:ــ اهو ڪردنت جو ڄاڻائي ته فعل وارو ڪم پورو تي چڪو آهي. مثال:ــ هي ڇوڪرو پڙهيل آهي.

اسم حاليہ:ـ جيڪي لفظ فعلن جي ڌاتن مان ٺهيل آهن ۽ اسم سان لاڳو ٿي ڏيکارين ٿا. اهو ماڻهو وغيره ڪو ڪم ڪندي ڪنهن  ٻئي ڪم کي وڃي لڳو. مثال:ــ احمد گمندي گھر موٽيو.

ضمير  :ــ ضمير ان کي  چئبو جيڪو اسم جي بدران ڪم اچي.   مثال:ــ آئون، اسان، هي، هوءَ وغيره

ضمير خالص :ـ هيءُ عام طور تي ماڻهوءَ جي ذات سان لاڳاپيل رهي ٿو، ۽ ماڻهوءَ جي اصلي نالي ندران استعمال ٿئي ٿو.

ضمير  متڪلم :ــ هيءُ ضمير  ڳالهائيندڙ جي نالي بدران استعمال ٿئي  ٿو. واحد جي حالت ۾“آئون يا مان” ۽ جمع جي حالت ۾ “اسان يا اسين” وغيره.ضميرحاضر (مخاطب) :ــ هي اهڙو ضمير آهي، جيڪو سامهون ويٺل يا حاضر ماڻهوءَ جي نالي وٺڻ بدران استعمال ڪجي.  جيئن تون هيڏانهن  اچ.

ضمير غائب :ــ هيءُ اهڙو ضمير آهي جيڪو ماڻهوءَ جي پرپُٺ يا ان جي غير موجودگيءَ ۾ سندس نالي بدران استمعال ڪجي.

ضمير اشارو :ــ هن ضمير  جو مطلب هي آهي ته ڪنهن شيءَ ڏانهن اشارو ڪيو وڃي. مثال:ــ هو ڪير آهي.

ضمير اشارو قريب :ــ هن ضمير جو مطلب آهي ته ڪنهن ويجهي شيءَ ڏانهن اشارو ڪرڻ.
مثال:ــ هي ڇوڪرو ڪير آهي.

ضمير اشارو بعيد:ــ هن  جو مطلب آهي ته ڪنهن پري واري شيءَ ڏانهن اشارو ڪري. مثال:ــ هُو ڇوڪرو آهي.

ضمير استفهام :ــ هي اهڙو ضمير آهي جيڪو سوال؟ پڇڻ جي لاءِ ڪم ايندو آهي.

ضمير موصول :ــ موصول جي معني آهي ملائڻ يا ميلاپ، هن ضمير جو مطلب آهي ته جيڪو ڪنهن اسم جي بدران استعمال ٿئي ۽ هڪ جملي کي ٻئي جملي سان ڳنڊي. ته اهڙا ضمير جيڪي ساڳئي فعل جي ٻن جملن کي پاڻ ۾ ملائي هڪ ڪن. مثال:ــ ان وقت جو، جا، جن، جنهن وغيره.

ضمير جواب موصول:ــ هي  اهڙو ضمير آهي جيڪو ضمير موصول جي جواب ۾ ڪم ايندو آهي  ۽ جملي جي ٻن ڀاڳن کي پاڻ ۾ ملائي هڪ ڪندو آهي. مثال:ــ سو، جيڪو، جنهن، تنهن وغيره.

ضمير مبهم:ــ ضمير مبهم جو مطلب آهي ڳجهو يا لڪل هيءُ ضمير جو اهڙو قسم آهي جنهن ماخبر نه پوندي آهي ته ڪهڙي اسم جي بدران اهو ڪم ٿيو آهي.  مثال:ــ ڪنهن،ڪير،ڪي،ڪن،ڪجهه،ڪا،ڪو، وغيره.

ضمير متصل :ــ هي اهڙو ضمير  آهي جيڪو اسمم يا فعل سان گڏ استعمال ٿيندو آهي.
 مثال :ــ ورتم، کاڌم، ڪيم، کنيم وغيره.

ضمير منغصل :ــ هي اهڙو ضمير آهي جيڪو فعل کان جدا استعمال ٿئي ٿو. مثال :ــ ورتي، کاڌي، کنئي، ڪيئي وغيره.

ضمير مشترڪ :ــ اهڙا ضمير  جيڪي جملي ۾ فاعل ۽ مفعول سان شريڪ ٿين ۽ جملي کي وڌيڪ زوردار بڻائين.

صفت :ــ صفت هڪ لفظ آهي جيڪو اسم يا ضمير سان گڏ استعمال ٿيندو آهي ۽ انهيءَ جو گڻ (خوبي) اوگڻ (خامي) قسم ۽ قد وغيره ٻڌائي.

صفت وصفي :ــ هن صفت جو مطلب آهي ته گڻ“خوبيون” يا اوگڻ“خاميون، عيب” جيڪي موصوعع جي وصفن بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن. مثال :ــ سُست،چُست، بهادر، بزدل.

صفت عددي  :ــ صفت عددي مان مراد آهي جملي ۾ اهي لفظ جيڪي اسم تعداد وغيره ٻڌائين يا عددي طور تي اسم جي صفت ظاهر ڪن.  مثال :ــ پهريون، پنجون، ستون.

صفت عددي شماري :ــ اهي انگ يا عدد جيڪي ماڻهن يا شين جي شماري ڪرڻ يا ڳڻڻ جي ڪم اچي.
مثال :ــ هڪ، ٻه، ٽي.

صفت عددي قطاري :ــ اهڙا انگ يا عدد جيڪي ڏيکارين  ته  ڪهڙو نمبر آهي.     
مثال :ــ پهريون، چوٿون، پنجون  وغيره.

صفت ضميري :ــ جملي ۾ هي اسم جيڪي ضمير هجن، پر اسم سان گڏ استعمال ٿي صفت جو ڪم ڏيکاري. مثال :ــ هو سٺو آهي، توهان محنتي ٻار آهيو.

صفت خالص  :ــ اهو صفتي جملو جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي مشابهت ۽ بيٽ ڏيکاريل نه هجي.
 مثال:ــ سخي، بخيل، عادل، ظالم، نيڪ، بد وغيره.

صفت مبالغو  :ــ هي اهڙو صفعتي جملو آهي جنهن ۾ هڪڙي کي ٻئي ساڳيءَ جنس سان مشا بهت ڏياري وڌيڪ ظاهر ڪجي. مثال :ــ عالم چنه دنيا جي ڊگھن ماڻهن کان به ڊگھو هو.

صفت تفصيل:ــ هي اهڙو صفتي جملو آهي جنهن ۾ ٻن اسمن يا ضميرن جي ساڳين خاصيتن جي وچ ۾ ڀيٽ ڪئي وڃي. مثال:ــ امين اڪبر کان وڌيڪ هوشيار آهي.

صفت مطلق:ــ هي اهڙو صفتي جملو آهي جنهن ۾ اهڙن اسمن، ضميرن يا  صفتن جي “هميت” ۽ “مطلق هجڻ” يا “زور ڀرڻ” واري حيثيت نمايان ٿئي ٿي. مثال:ــ هن اسڪول ۾ سهڻو باغ به آهي.

فعل :ــ فعل هڪ لفظ آهي جيڪو جملي ۾ ڪنهن به ڪم ڪرڻ يا سهڻ جي معني  ڏيکاري. آسان لفظن ۾ هيئن چئي سگھون ٿا ته فعل معني ڪم.  مثال:ــ ٻار سبق پڙهن  ٿا.

فعل لازمي :ــ فعل لازمي  جو مطلب آهي ته ان جو لاڳاپو فاعل سان هجي ۽ ان کي مفعول جي ضرورت نه پوي.
 مثال :ــ ثاقب اچي پيو، ثاقب آيو، ثاقب ويو وغيره.

فعل  لازمي معروف:ــ  هي اهو فعل آهي جنهن ۾ ڪم ڪندڙ يعني فاعل  بلڪل چٽو هجي. مثال :ــ اسد آيو آهي.

فعل لازمي  مجهول :ــ اهو فعل لازمي جنهن ۾ فاعل صاف ظاهر هوندوئي ناهي. مثال :ــ لکيو آهي، پڙهيو آهي وغيره.

فعل  متعدي :ـ فعل متعديءَ  جو مطلب آهي اهڙو  فعل جنهن ۾ فاعل بلڪل چٽو يا واضع معلوم ٿئي ۽ ان جو اثر  مفعول تائين ڏيکاريل هجي. مثال :ــ راشد لکي پيو.

فعل متعدي معروف :ــ هن فعل جو مطلب آهي ته ان ۾ فاعل بلڪل چٽو ۽ مفعول پڻ واضع نظر اچي ٿو.
 مثال :ــ برڪت ڪاپيءَ تي لکي رهيو آهي.

فعل متعدي مجهول :ــ هي اهو فعل آهي جو ان ۾ فاعل چٽو نه هجي.  مثال :ــ پڙهيو ويو، موڪليو ويو وغيره.

فعل متعدي بالواسط :ــ هن قسم جي فعل ۾ فاعل پاڻ ڪم نٿو ڪري پر اهو ڪم ٻئي کان ڪرايو وڃي ٿو. مثال :ــ هي بوٽ موچيءِ کان پالش ڪرايو، هيءَ جاءِ رازي کان ٺهرايو.

فعل امر :ــ فعل امر مطلب آهي ته اهڙو ڪم جنهن جي ڪرڻ جو حڪم ڪجي. فعل امر ۾ صرف زمان حال هوندو آهي. جئين پڙھ، ويھ، اُٿ، لکُ، وڃ وغيره. فعل امر، اسم مصدر مان ٺھندو آهي ۽ اسم مصدر جي پڇاڙيءَ ۾ “ڻ” ڇڏجي ته باقي جيڪو لفظ رهندو سو فعل امر آهي.               
  مثال :ــ لکڻ مان لک، ويھڻ مان ويھ، اُٿڻ مان اُٿ وغيره.

فعل نهي :ــ هي اهڙو فعل آهي جنهنن  ۾ ڪنهن ڪم کان روڪڻ جي معني نڪري هن لاءِ فعل امر جي اڳيان يا ڪن صورتن ۾ پويان ناڪاري لفظ “نه” هئڻ سان هي فعل ٺهي وڃي ٿو.

فعل اڪرترڪ :ــ اهو فعل جنهن جو فاعل لڪل هجي. جيئن پيو وڃبو ته نيٺ ڪم ٿيندو. فعل مجهول جو قسم آهي.

فعل مرڪب :ــ اهڙا فعل جيڪي بنيادي فعلن جي صورتن گڏجڻ جي ڪري هڪ فعل ٿي  ڪم اچن ٿا.   
مثال:ــ جميل خط لکي وڌو.

باقاعدي ۽ بي قاعدي فعل :ــ هي اهڙا فعل آهن جن جا اسم مفعول فعل امر جي پٺيان “و” يا “يو” گڏڻ سان ٺهي ٿو. مثال:ــ لکيو، پڙهيو، وُٺل، رُٺل، باقاعدي فعل آهن. جڏهن، آيو، ورتو، رنو، وغيره بي قاعدي فعل آهن.

فعل معاون :ــ هن فعل جي اڪيلي سر ڪابه حيثيت نه هوندي آهي، پر فعل لازميءَ مان هئڻ جي معني نڪرڻ سان سندس وجود رهي ٿو. البته ترڪيب ڪرڻ مهل سندس حالت “فعل لازمي” جي هوندي آهي ٻيءَ صورت ۾ وري فعل معاون مکيه فعل سان لاڳو هئڻ ڪري يڪو فعل بڻجي ويندو آهي. هونئن ته فعل معاون جو مطلب آهي “مددگار فعل” هن فعل جي زمانن ٺاهڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.

ظرف :ــ ظرف هڪ لفظ آهي جيڪو فعل، صفت ۽ ڪنهن ٻئي ظرف سان تعلق ظاهر ڪري ٿو ۽ انهيءِ جي معني ۾ اضافو ڪري ٿو. مثال :ــ هوءُ سٺو لکي ٿو.

ظرف زمان :ــ جملي ۾ اهو لفظ جيڪو وقت وغيره ڏيکاري.      
 مثال :ــ هاڻي، هرهر، سڀاڻي، ڪڏهن وغيره.

ظرف مڪان :ــ جملي ۾ اهو لفظ جيڪو طرف يا جاءِ وغيره ڏيکاري. مثال:ــ اندر، پري وغيره.

ظرف تميز :ــ جملي ۾ اهو لفظ جيڪو ريت، قدر، اقرار، انڪار، بلڪل ۽ آهستي وغيره کي ظاهر ڪري.
 مثال :ــ تڪڙو، ٿورو وغيره.

ظرف مقدار:ــ ظرف جي هن قسم ۾ اسان کي مقدار ۽ قيمت جي خبر پوي ٿي.
مثال:ــ گھڻو،گھڻي، ڪيتري، ڪهڙو. وغيره.

ظرف نفي (ظرف انڪاري) :ــ اهو ظرف جيڪو فعل، صفت يا ٻئي ظرف سان لڳي ناڪار جي معني ڏيکاري.
مثال :ــ متان وغيره.

ظرف اثباتي(هاڪاري) :ــ اهو ظرف جيڪو فعل، صفت  يا ٻئي ظرف سان لڳي هاڪاري جي معني ڏيکاري.

حرف جر :ــ جملي جو اهو لفظ آهي جيڪو ڪنهن اسم يا ضمير جو ڳانڍاپو جملي ۾ ٻئي ڪنهن  لفظ سان ڏيکاري. مثال :ــ کان، تان، تي، ۾ وغيره.

حرف جملو  :ــ هي هڪ لفظ  آهي جيڪو ٻن جملن يا جملي جي ٻن ڀاڱن کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. مثال:ــ ۽، پر، جيڪر، جيڪڏهن، ڇاڪاڻ“ هوئن، ته وغيره.

حرف ندا :ــ هي هڪ لفظ آهي جيڪو سڏ ڪرڻ يا دل جي حالت وغيره جي  معني ظاهر  ڪري ٿو. هن لفظ جي  معني آهي سڏ يا دانهن ڪرڻ، ان مان خوشيءَ، عجب، ڌڪار، افسوس وغيره جي معني نڪرندي آهي.
مثال:ــ واهه واهه، افسوس، اڙي، آهه آهه وغيره.

ماضي معطوفي:ــ فعل جون اهڙيون صورتون جيڪي ساڳئي فاعل جي ٻن جملن کي ڳنڍي هڪ ڪن ۽ فاعل سان لڳي ڏيکارين ته فاعل هڪ ڪم پوري ڪري ٻئي ڪم کي لڳي ٿو (لڳو آهي يا لڳندو).
 مثال:ــ سليم ڪتاب پڙهي، پوءِ سمهندو

2 years ago | [YT] | 2